اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ بجلي مهانگي ۽ سستي ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ڪي اليڪٽرڪ جنوري جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حصي طور بجلي جي قيمت ۾ 2.69 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ صارفين تي 2.77 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.ان سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ هڪ ٻي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي وئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 7 رپيا 36 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وڃي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) 28 فيبروري تي بجلي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندو.










