لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پيشي کانسواءِ حفاظتي ضمانت رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته سڪيورٽي جو مسئلو هوندو، ان تي جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته پوليس موڪلي ۽ طلب ڪئي ويندي آهي، قانون موجب جوابدار جي عدالت ۾ پيشي حفاظتي بانڊ لازمي آهي. وڪيل عمران خان چيو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب هلڻ ۾ ڏکيائي آهي، عمران خان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، ميڊيڪل رپورٽ موجب عمران خان ٽن هفتن تائين ٻيهر نه هلي سگهندو، تنهن ڪري حفاظتي بانڊ جمع ڪرايو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته حفاظتي ضمانت جو ڪهڙو قانون آهي، حفاظتي ضمانت ۾ جوابدار جو پيش ٿيڻ ضروري آهي، جيڪڏهن وڌيڪ مسئلو آهي ته ايمبولينس ۾ اچو، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، اصولي طور تي اها درخواست خارج ڪرڻ گهرجي پر آءِ جي. مان هڪ استثنا ڏيان ٿو جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪڏهن آڻڻو آهي ته 8 وڳي تائين آڻيو، دير سان ڪم ڪريان ٿو.جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ڪيس جي وقفي کانپوءِ ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ٿي ته جسٽس طارق سليم شيخ وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته عمران خان عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿي سگهيو؟ عمران خان جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽرن عمران خان کي هلڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته عمران خان کي هلڻ لاءِ ڪنهن چيو؟ وڪيل جواب ڏنو ته سڪيورٽي جا به مسئلا آهن، جنهن تي جسٽس طارق سليم چيو ته مان سڪيورٽي ڏيان ٿو. عدالت پيشي کانسواءِ ضمانت رد ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻئي طرف جڏهن عمران خان کي عدالت طلب ڪيو ويو ته هو ڳالهائي رهيو هو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان ضمانت رد ٿيڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو.عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سياسي مخالفت تي ڪيس داخل ڪيو ويو، سيڪريٽريٽ پوليس اسلام آباد بي بنياد ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هو ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم رهيو آهي ۽ اهڙو سنگين ڏوهه ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته گرفتاري جو خدشو آهي ان ڪري حفاظتي ضمانت منظور ڪري مناسب فورم سان رجوع ڪيو وڃي.واضح رهي ته اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جواد عباس اڄ اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت عمران خان جي ضمانت غير حاضري تي رد ڪري ڇڏي هئي .










