واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن اسرائيل طرفان والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ وڌيڪ آباديون تعمير ڪرڻ جي قدم تي تنقيد ڪئي آهي.انتوني بلنڪن خبردار ڪيو ته اهڙي عمل سان فلسطينين سان ڇڪتاڻ وڌي ويندي.واضح رهي ته آچر تي اسرائيل والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ 9 آبادين کي قانوني قرار ڏيڻ ۽ وڌيڪ 10 هزار يونٽن جي تعمير جو اعلان ڪيو هو.










