آمريڪا جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت کي مدد جي خاطري

آمريڪا جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت کي مدد جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ڪراچي ۾ ملاقات ٿي آهي.وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب مراد علي شاهه ۽ ڊونلڊ بلوم جي ملاقات ۾ آمريڪي قونصل جنرل نيڪول ٿريوٽ به شريڪ هو.ترجمان ٻڌايو ته ان دوران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي پراجيڪٽ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، نيڪول ٿريوٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو.وڏي وزير آمريڪي وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت بابت فنڊ جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، حڪومت زراعت جي بحالي لاءِ به آبادگارن جي مدد ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو