موسمياتي تبديلين بابت مضمون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

موسمياتي تبديلين بابت مضمون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت، سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلين بابت سجاڳي لاءِ ڌار مضمون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوآهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ سمورين يونيورسٽين جي وي سيز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب سنڌ وڌيڪ گرمي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي، ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ شاگردن کي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو پاران سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد مريد راھمون ۽ سمورن يونيورسٽين جي وي سيز کي موسمياتي تبديلي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ڌار مضمون تي ڪم شروع جون هدايتون ڪيون ويون.صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب سنڌ وڌيڪ گرمي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ يونيورسٽين جي شاگردن کي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.سندس چوڻ هو ته يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلي بابت مضمون پڙھائڻ سان انساني صحت جو معيار بھتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته مضمون جي تعليم سان سامونڊي گدلاڻ، صنعتي ويسٽ مينجمينٽ ۽ اسپتالن جي ويسٽ ڊسچارج جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي، هن وقت جيڪڏهن موسمياتي تبديلي بابت آگاهي نه ڏني وئي ته ايندڙ نسل وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيندو.صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديلي پاڪستان جي خوراڪ جي پيداوار لاءِ تمام خطرناڪ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو