پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، 9 دهشتگرد گرفتار

پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، 9 دهشتگرد گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) مختلف ضلعن ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سي ٽي ڊي پنجاب جي ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن ۾ عفان، ڪاشف، جواد سعيد، ثاقب الياس، سبز علي، دائود شاهه ۽ احمد جان شامل آهن، دهشتگردن خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ جاچ جاري آهي.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران آپگهاتي ويسٽ، ڌماڪيدار مادو، دستي بم، ڊيٽونيٽرز، هٿيار، ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائسز ۽ ڪتاب هٿ ڪيا ويا جن ۾ حساس مواد شامل هو.ترجمان موجب دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش جي مختلف گروپن سان آهي، 26 شڪي ماڻهن کان جاچ دوران دهشتگردن جي نشاندهي ڪئي وئي.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي 564 ڪومبنگ آپريشنز ۾ 93 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو