ٺٽو ( ن س)ٺٽي جي ميونسپل انتظاميه ڏوالپڻي جي ور چڙهي وئي،ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ايڊ منسٽريٽر سڪندر حيات بلوچ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا،صفائي سٿرائي کان پوءِ ڊرينيج ۽ سيوريج نظام مڪمل تباھ ٿي ويو،گٽرن ۽ واٽر سپلاءِ جون پائپ لائينون پاڻ ۾ ملي ويو،اٽڪل ٻن مھينن کان شڪر الاھي محلا،سونارا گلي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي بجاءِ واٽر سپلاءِ جي نلڪن مان گٽرن جو گندو پاڻي اچڻ لڳو،علائقي واسي سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا،ھڪڙي پاسي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي تہ ٻئي پاسي شھري ھزارين روپين جو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا،انھي سلسلي ۾ شھرين ٽيلر ماسٽر محمد ذڪر ميمڻ،سيد نياز حسين شاه ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اسان جي علائقي ۾ واٽر سپلاءِ جي لائينون ۾ گٽرن جو پاڻي اچي رھيو آھي،جنھن ڪري اسان پيئڻ ۽ استعمال لاءِ ھزارين روپين ۾ پاڻي وٺي رھيا آهيون،جڏھن تہ پئيڻ جي پاڻي جو ڪين 40 روپيا ۽ سوزوڪي واري پاڻي جي ٽينڪي 11 سؤ روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.ھنن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري اسان جو مسئلو حل ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي سپلاءِ ڪيو وڃي.










