لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرن جو ڊي نوٽيفڪيشن 7 مارچ تائين معطل، عدالت جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ڊي نوٽيفڪيشن ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن 7 مارچ تائين معطل رهندو ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرن جي ڊي نوٽيفڪيشن کي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ضمني چونڊون به معطل رهنديون.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خالي ٿيل سيٽن جي الاٽمينٽ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن 7 مارچ تائين معطل رهندو ۽ اليڪشن ڪميشن انهن سيٽن تي چونڊن جو اعلان نه ڪندي.










