دانيه شاهه جي گرفتاري خلاف درخواست رد

دانيه شاهه جي گرفتاري خلاف درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت حسين جي وائرل وڊيوز ڪيس ۾ جوابدار دانيه شاهه جي گرفتاري خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.جوابدارن جي وڪيل لياقت گبول ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته دانيه شاهه کي لوڌران مان غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري وقت قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس جو عبوري چالان جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي، اهو مداخلت جو ڪيس نٿو بڻجي.ايڊووڪيٽ لياقت گبول مطالبو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس تي عمل نه ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي وڃي ته ايف آءِ اي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.دانيه شاهه جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي، کيس ڊسمبر 2022ع ۾ ايف آءِ اي گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو