اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) صوبائي اسيمبلي جون چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اتحادي حڪومت چونڊن ۾ دير لاءِ عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪندي. ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ سنڌ حڪومت عدالت ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪندي ۽ ٻئي مرحلي ۾ بلوچستان حڪومت به رٽ پٽيشن داخل ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نئين آدمشماري کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن ۽ آدمشماري کانپوءِ نيون تڪ بنديون لازمي قرار ڏنيون وڃن.آئيني طور تي نئين تڪبندين جي عمل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 90 ڏينهن گهربل آهن.ياد رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙي چڪيون آهن ۽ نگران حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن.










