ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم اعلان ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن اندر ڪراچي ۾ يارنهن يونين ڪائونسلز تي چونڊ شيڊول جاري نه ڪيو ته احتجاج ڪنداسين. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخصوص سيٽن، ميئر ۽ سمورين ڪميٽين جو فيصلو به جلد کان جلد ڪيو وڃي،هن الزام لڳائيندي چيو ته اليڪشن ڪمشنر سنڌ حڪومت سان ٻٽ بڻيل آهي، ڪراچي جماعت اسلامي کي ووٽ ڏنو آهي ۽ مئنڊيٽ تسليم ڪيو وڃي. حافظ نعيم وڌيڪ چيو ته تڪبندين کي بنياد بڻائي اليڪشن کان ڀڄڻ نه پيا چاهيون، هن وقت گئس ۽ بجلي جي بحران سبب شهري پريشان آهن، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، ڪراچي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.










