ڪراچي ۾ پرويز مشرف جي تدفين جا انتظام شروع ، قبر تيار

ڪراچي ۾ پرويز مشرف جي تدفين جا انتظام شروع ، قبر تيار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي جنازي نماز ۽ تدفين سڀاڻي ڪراچي ۾ ٿيندي. اڳوڻي صدر جو مڙهه اڄ شام خاص جهاز ذريعي دبئي کان ڪراچي پهچايو ويندو، اڳوڻي صدر جي گهرواري صهبا مشرف، صاحبزادي بلال مشرف ۽ صاحبزادي به گڏ هونديون. ذريعن موجب اڳوڻي صدر جي جنازي نماز سڀاڻي 1:45 منٽن تي ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي، سندس جنازي نماز پولو گرائونڊ ملير ڪينٽ ۾ ادا ڪئي ويندي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ پرويز مشرف جي تدفين جا انتظام شروع ڪيا ويا آهن ۽ فوجي قبرستان ۾ تدفين لاءِ قبر تيار ڪئي پئي وڃي. ڪنٽونمينٽ بورڊ عملدارن کي اڄ صبح اڳوڻي صدر مشرف جي قبر تيار ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. فوجي قبرستان جي چوڌاري سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ قبرستان جي سيڪيورٽي جا انتظام رينجرز سنڀالي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو