اليڪشن ڪميشن ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪرائي، سعيد غني

اليڪشن ڪميشن ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪرائي، سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي ايم اين اي خواجا سهيل منصور پاڪستان پيپلز پارٽي جوائن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان پي پي سنڌ جي صدر پورهئي واري وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. سعيد غني سندس فيصلي جي ڀليڪار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ماضي ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، جماعت اسلامي جي ٻيهر ڳڻپ ۾ 2 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن. ياد رهي ته 2008 ۽ 2013 ۾ قومي اسمبلي جي تڪ 240 تان ايم ڪيو ايم جو ايم اين اي رهندڙ خواجا سهيل منصور گذريل سال پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو. سعيد غني مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪرائي جنهن بعد مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ ڪئي وڃي. هن چيو ته جن 11 يونين ڪميٽين جي اميدوارن جي فوتگي سبب چونڊون ملتوي ٿيون هيون، انهن تي ٻيهر چونڊ جو انتظار نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن اها روايت قائم ٿي ته تمام خطرناڪ روايت هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ في يونين ڪميٽي 50 هزار کان 25 هزار آبادي تي قائم ڪري تڪبنديون ڪيون هيون. ڪراچي جي ٻهراڙين جو رڳو 3 يونين ڪميٽيون اهڙيون آهن جن جي آبادي 30 هزار کان گهٽ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو