اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي انت واري اسڪواڊ (اي ٽي ايس) پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان اسامه ستي جي قتل ڪيس ۾ عدالت 2 جوابدارن کي موت ۽ 3 کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري اساما ستي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت 31 جنوري تي ٽرائل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪيس جي ٻڌڻي 2 سال ۽ هڪ مهيني تائين جاري رهي.عدالت اساما ستي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي موت ۽ 3 کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي.اسامه ستي قتل ڪيس ۾ سزا مليل سمورن جوابدارن جو تعلق دهشتگردي جي خاتمي واري اسڪواڊ سان آهي.جوابدارن افتخار احمد ۽ محمد مصطفيٰ کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته سعيد احمد، شڪيل احمد ۽ مدثر مختار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.عدالتي فيصلي کانپوءِ اسامه ستي جو پيءُ عدالت ٻاهران ويهي رهيو.










