ٽنڊوباگو(ن س) ٽنڊوباگو ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي، اٽي جي قيمت ۾ واڌ، پئٽرول ۽ ڊيزل قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ سماجي ڪارڪنن پاران ڪامريڊ اشو لوھاڻو , نصرالله جروار ۽ دلبر سنڌي جي اڳواڻي ۾ بدين روڊ تي ڳوٺ پهاڙ مري کان ٽنڊوباگو پريس ڪلب تائين 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بک ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. حڪومت ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي. عوام کي روزگار ڏيڻ بجاءِ غريبن تي روز مهنگائي جا نوان بم ڪيرايا پيا وڃن. ملڪ ۾ پئٽرول ۽ ڊيزل جو اگھ وڌائڻ ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته اٽو سستو ڪري، پئٽرول ۽ ڊيزل جو اگھ گھٽايو وڃي ۽ ملڪ ۾ مهنگائي کي ختم ڪري غريبن، ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.










