ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته شيخ رشيد جي گرفتاري قانون پٽاندڙ ٿي آهي، سندس خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته عمران خان اسان جو معاشرو ۽ مُلڪ تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، هو ذهني طور مفلوج ماڻهو آهي ۽ مُلڪ ڊشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان جي اثاثن ۾ وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ واڌ آئي، سندس ڪرپشن سڀني جي سامهون اچي چُڪي آهي، هي بدڪردار، ڪوڙو ۽ منافق ماڻهو آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان جي بيان تي قانوني نوٽيس اُماڻيو ويو آهي، هاڻي هو عدالت ۾ آصف زرداري مٿان مڙهيل الزام ثابت ڪري ڏيکاري.سعيد غني چيو ته الزام جي نوعيت جو اندازو لڳايو، جيڪڏهن عمران خان ڪجهه ٿيو ته اسان جي قيادت تي الزام ايندو، تنهنڪري پي ٽي آءِ چيئرمين جي مڙهيل الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، کيس ڀارتي ۽ يهودي بنا سبب پئسا نه پيا ڏين.










