لاهور(ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي جو چوڻ آهي ته عمران نيازي تي ٻاهران ڪنهن فائرنگ نه ڪئي، پاڻ کي ٽنگ ۾ گولي لڳرائي،ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي چيو ته طلال چوڌري، دانيال عزيز ۽ نهال هاشمي جو ڪهڙو قصور هو؟ سندن چوڻ هو ته ڪيليفورنيا جي عدالت عمران خان کي ڪوڙو چيو، کيس صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، عمران نيازي کي نااهلي کان ڪا به قوت بچائي نه ٿي سگهي،عابد شير علي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هو عدالتن کي هدايتون ڏيندا هئا، عمران خان کي روڪيو، اسان کي روڪيو، اسان کي سزا ڏيو، پاڪستان ڪيئن هلندو؟ ن ليگ اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته عمران خان عدالتن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، هو عدالتن کي هدايتون ڏيندو هو.










