اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو وفد پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ ناڻي واري وزارت ۾ وفد سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نائين جائزي مشن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ وفد جي سربراهي آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون 2 فيبروري تائين جاري رهنديون، جنهن کانپوءِ پاليسي ڳالهيون 3 فيبروري کان 9 فيبروري تائين ٿينديون.آءِ ايم ايف جي وفد سان ڳالهيون 31 جنوري کان 9 فيبروري تائين جاري رهنديون، جنهن ۾ طئي ڪيو ويندو ته ڪيترا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻا آهن ۽ ڪيترا نان ٽيڪس قدم کڻڻا آهن. ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ پاڪستان وفد کي سڌارن بابت بريفنگ ڏيندو ۽ آءِ ايم ايف جي مطالبن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو. پاليسي سطح جي ڳالهين ۾ پاڪستان معيشت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ پنهنجو رويو پيش ڪندو ۽ رعايتن جو مطالبو ڪندو. آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي لاءِ ڪيترن ئي قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ هر صورت ۾ آءِ ايم ايف پروگرام بحال ڪرڻو پوندو.










