پشاور(ويب ڊيسڪ) سي سي پي او پشاور اعجاز خان چيو آهي ته پوليس لائنز ۾ ڌماڪو سڪيورٽي جي کوٽ لڳي ٿو.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز خان چيو ته پوليس لائنز مسجد ۾ نماز جي دوران آپگهاتي ڌماڪي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهي.سي سي پي او جو چوڻ هو ته پوليس لائن ۾ اهڙو واقعو سڪيورٽي جي فقدان جو لڳي ٿو، ڌماڪي سان مسجد جو مرڪزي هال تباهه ٿي ويو آهي، ڌماڪي بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.










