ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري چيو آهي ته حڪومت جي ڪوشش هوندي ته آءِ ايم ايف معاهدي جو اثر غريب عوام تي نه پوي ۽ ڪو به ان جي حق ۾ ناهي ته قرض ورتو وڃي. وزيراعظم محمد ميان شهباز شريف بچت پاليسي اختيار ڪرڻ بابت ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي فيصلن جا نتيجا اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ملڪ جي ترجيحن تي غور ڪندا سين. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي صدر آصف علي زرداري متعلق الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ عمران خان هميشه غير ذميواراڻا بيان ڏيندو رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ان معاملي تي عمران خان خلاف عدالت ۾ وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينظير ڪفالت ۾ خواجا سرائن کي شامل ڪرڻ جي افتتاحي تقريب بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شازيه مري وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس گهروارن کي خطرو آهي عمران خان دهشتگردن جو سهولتڪار رهيو آهي. پيپلز پارٽي جو ماضي ۾ به سياسي استحصال ڪيو ويو. عمران خان اڳ به ڀڄي ويو هو، ”بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي بااختيار بڻائڻ“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينظير ڪفالت پروگرام ۾ باقاعدي اعلان ڪيو ويو آهي ته هاڻي خواجا سرائن کي بينظير ڪفالت پروگرام ذريعي مالي مدد ڪئي ويندي. شازيه عطا مري چيو ته نادرا ڪارڊ ٺهرائي بي آءِ ايس پي ۾ خواجا سرا رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيلن کي 7 هزار رپيا ٽن مهينن جا ملنداـ ھن کين يقين ڏياريون ٿا ته اسين توهان سان گڏ آهيون ۽ رهندا سين ڇو ته توهان به پاڪستاني آهيو، انسان آهيو، تقريب کي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، خواجه سرا برادري جي اڳواڻن ڊاڪٽر ميرب، بنديا رانا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته خواجاسرا ڪميونٽي کي بينظيرڪفالت پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي اعلان کي ساراهيون ٿا ۽ وفاقي وزير شازيه عطا مري جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.










