دڙو (ن س) دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ مهنگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو، مهنگائي 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، غريب ۽ پورهيت طبقو ماني جي ويلي لاء سخت پريشان. سجاول ضلعي جي شھر دڙو، ٻنون، لائقپور، ابڙال، جهوڪ شريف ۽ ٻين ننڍن وڏن شھر ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آھن. جنھن ڪري غريب عام ماڻھو سبزي کائڻ کان بہ محروم ٿي ويو آھي، رپورٽ موجب ڪڪڙ جو گوشت 700 رپيا في ڪلو، ٻاڪرو گوشت 18 سوُ روپيا ڪلو، وڏو گوشت 700 رپيا في ڪلو، اٽو 140 روپيا ڪلو، بيضا 300 روپيا ڊزن، صوف 500 رپيا في ڪلو، ڪوڪنگ آئل 500 رپيا في ليٽر، مڇي 700 رپيا في ڪلو، ٽماٽو 60 روپيا ڪلو، ڪيلا 100 رپيا في درجن، بٽاٽا 50 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلو سميت ٻيون شيون مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، جنھن سبب ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيت طبقو ھاڻي گوشت، مڇي ۽ مرغي جو گوشت کائڻ کان پري ٿي ويو آهي، پر غريب ماڻھو هاڻي ڀاڄيون بہ خريد ڪري نٿا کائي سگھي، جڏهن ته سجاول جي ضلعي انتظاميا طرفان مهانگائي جي وڌندڙ طوفان کي روڪڻ لاءِ قانون جي ڪابہ عملداري قائم ڪري نہ سگھي آھي، ان ڏس ۾ دڙو جي باشعور شهرين اعجاز اختر ميمڻ، امداد ميمڻ، اقبال سومرو، علي رضا ڪڇي، اسلم سومرو، اختر ڪڇي، جاويد جگر، وفا چندن لاشاري، امتياز آڪاش ميمڻ، مختيار علي کوکر ۽ ٻين پاران وڌندڙ مهانگائي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو، ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته دڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ مهانگائي جو فوري نوٽيس وٺي غريب عوام کي رليف فراھم ڪيو وڃي.










