ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب تفريح لاءِ آيل 10 ٻارڙا فوت

ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب تفريح لاءِ آيل 10 ٻارڙا فوت

ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪوهاٽ ۾ ٽنڊا ڊيم ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ٻارڙا فوت ٿي ويا. ريسڪيو 1122 جي ترجمان بلال فيضي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن وقت تائين 6 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 17 ٻارن ۽ هڪ استاد کي بچايو ويو آهي. ”چار ٻارن جي حالت نازڪ آهي. جن کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوهاٽ منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻيڙي ۾ سوار سمورن ٻارن جي عمر 12 کان 20 سال هئي. ”اهي سڀ مدرسي جا شاگرد هئا هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيم گهمڻ لاءِ آيا هئاا“.

پهنجو تبصرو موڪليو