24 ڪلاڪن ۾ ڪيترا ڏوهه ٿيا، ايڊيشنل آءِ جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش

24 ڪلاڪن ۾ ڪيترا ڏوهه ٿيا، ايڊيشنل آءِ جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 130 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ 54 موبائل فون/نقدي ڇنڻ، 2 ڪارون ۽ 7 موٽرسائيڪلون ڇنيون ويون جڏهن ته 67 موٽرسائيڪلون چوري ڪيون ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مزاحمت ڪرڻ تي ضلع ملير جي بن قاسم ٿاڻي جي حد جو رهواسي صادق ولد ابراهيم نالي هڪ شهري کي چورن زخمي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوليس 7 مقابلا ڪيا جن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 11 اسٽريٽ ڪرمنلز/ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 6 اسٽريٽ ڪرمنلز کي واقعي واري هنڌان پڪڙيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽوٽل 130 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 39 اسٽريٽ ڪرمنل/ ڦورو، 13 ڪار لفٽرز، 29 غير قانوني هٿيار رکندڙ، 25 منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ 24 ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/آپريشن دوران 29 غير قانوني هٿيار، 7 ڪلو چرس، 15 چوري ٿيل موبائيل ۽ 32 چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون جن ۾ ٻه ڪارون ۽ 30 موٽرسائيڪلون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو