نوابشاهه (ن س) نوابشاهه ڀرسان قديمي ماڳ چانھيون جو دڙو جي کوٽائي واري فرانسيسي آرڪالاجيڪل ٽيم جي ڊائريڪٽر ايم اي ايف بي آئي ڊاڪٽر آرورا ديديئر (Dr.Aurore Didier) جي اڳواڻي ۾ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري قديمي ماڳ چانھيون جو دڙو ۾ ٿيندڙ کوٽائي واري ڪم بابت آگاھي ڏني ان موقعي تي ڪمشنر پاران فرانسيسي آرڪيالاجيڪل ٽيم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌو تهذيب کي اجاگر ڪرڻ ۽ قديمي ماڳن جي کوٽائي ڪري دنيا اڳيان نروار ڪرڻ تي سندن ٿورائتا آهيون هن وڌيڪ چيو ته فرانسيسي ٽيم پاران سنڌ جي قديمي ماڳن تي کوٽائي واري ڪم۾ سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميه پاران ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي ھن وڌيڪ چيو ته فرانسيسي آرڪلاجيڪل ٽيم کي ھر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي گڏجاڻي دوران ڪمشنر فرانسيسي ٽيم کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر ون شھيد بينظيرآباد سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو فياض حسين راھوجو، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز شھازيب شيخ ۽ فرانسيسي ٽيم جا ميمبر موجود ھئا.










