مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو صحافي سميت 4 زخمي

مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو صحافي سميت 4 زخمي

سلطانپور(ن س) ڳوٺ فيضل مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين م جهيڙي دوران صحافي قربان مھر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لٺيون لڳڻ ڪري سخت زخمي حالت ۾ کين اسپتال داخل ڪيو ويو. حملو ڪندڙن ۾ رشيد، اشرف، ارشاد الھبخش، شاھد، زاھد ۽ ٻيا شامل آهن. صحافي قربان مھر، سندس ڀائر منظور احمد ، لياقت علي  سوٽ صابر مهر سخت زخمي ٿي پيا. جنهن کي تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج هلندڙ آهي هوڏانهن جهيڙي جو ڪيس سندس ئي برادريء جي ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو