پي پي ۽ جماعت اسلامي اڳواڻن ۾ ملاقات، ميئر تي اتفاق نه ٿيو

پي پي ۽ جماعت اسلامي اڳواڻن ۾ ملاقات، ميئر تي اتفاق نه ٿيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلدياتي چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن وچ ۾ پهرين ملاقات ۾ ميئر ڪراچي جي معاملي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جي اڳواڻي ۾ نجمي عالم ۽ امتياز شيخ جماعت اسلامي جي مرڪزي آفيس پهتا، جتي هنن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد سان ملاقات ڪئي. ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۽ ميئر جي حوالي سان مشاورت ڪئي. بعد ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو