سيد جي سالگرهه، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل، 3 گرفتار

سيد جي سالگرهه، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل، 3 گرفتار

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)سائين جي ايم سيد جي پرامن طور سالگرهه ملهائڻ به هن ملڪ ۾ گناهه بڻجي ويو، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ھيٺ 10 ڪارڪن تي ڪيس داخل 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪيترائي کنڀي گم ڪيل، ايس يو پي جي سڏ تي سن ۾َشٽربند هڙتال ۽ مانجهند ۾ ڌرڻو هنيو ويو. سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگرهه ملهائڻ جي ڏوهه ۾ سرڪار جي ڏمر ۾َگهٽتائي نه اچي سگهي ڇڇر ايٽ سن پوليس موبائيل ساڙڻ ۽ پوليس تي تشدد ڪرڻ ۽ ملڪي سلامتي خلاف نعرن جي الزامن هيٺ وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ سب انسپيڪٽر عبدالحفيظ سهتو جي فرياد تي 10 ڪارڪنن تي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس 3 ڪارڪنن بشير احمد جمالي، نياز علي منگي ۽ احسن ميمڻ جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

Photo Sindhyar
Photo Sindhyar

سن لڳ ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا واسي رحم حسين چانڊيو اسلم مهيري کي پڻ ڪيس ۾َ نامزد ڪيو ويو آھي جڏھن ته ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا مان 16 جنوري تي کنڀيل ساجد چانڊيو کي به ظاهر نه ڪيو ويو آھي هوڏانهن سن ۾ گذريل ڏينهبن سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي رينجرس ۽ پوليس طرفان ڪارڪنن تي شيلنگ، لٺبازي ۽ فائرنگ ڪري ڪيترن ئي ڪارڪننکي زخمي ڪيو ويو هو. جنهن خلاف خلاف ايس يو پي جي مرڪزي صدر زين شاهه جي سڏ تي مانجهند ۾  بابل لطيف تعمير سنڌي جي اڳواڻي ۾َ سن ۾ انور مڱڻھار علي نواز ڪنڀر عنايت الله شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سن جي پرامن ڌرتي تي قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جي روڪٿام جي ڪوشش ڪري سرڪار بربريت ۽ دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو سوين ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آھن جڏھن ته گرفتار ڪارڪنن تي وحشاڻو تشدد ڪيو پيو وڃي فوري طور گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو