ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي فون ڪري خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته حافظ نعيم کي جيڪي به جائز خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جماعت اسلامي چونڊ مسئلن تي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري، هنن جا جيڪي مسئلا سنڌ حڪومت سان آهن انهن کي اسان حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين.










