ڪراچي ۾ اڄ رات به سخت سيءُ پوندو

ڪراچي ۾ اڄ رات به سخت سيءُ پوندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات جي تجزيه نگارن شهر قائد ۾ سڀاڻي کان ٿڌ ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات جي اڳڪٿي ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اڄ رات گرمي پد سنگل ڊيجٽ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀاڻي کان سردي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.موسميات جي تجزيه نگار موجب 18 جنوري تي ملڪ ۾ هڪ ٻيو مغربي هوائن جو نظام متاثر ٿيندو، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ سردي جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته 23 يا 24 جنوري کان ملڪ ۾ سخت سردي جي لهر اچي سگهي ٿي، ان دوران ڪراچي ۾ ٻيهر سردي وڌي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو