بدين (ن س) سنڌ حڪومت جي طرفان اٽي جي مقرر اگھ 65 روپيا ڪلو تي عمل نه ٿيو اٽو 135 روپيا ڪلو وڪرو ڪرڻ جي خلاف ضلع بچايو تحريڪ جو احتجاج اٽي جي اگھ تي عمل ڪرائڻ لاء وفد ڊي سي آفيس پھچي ويو ڊي سي جي غير موجودگي ۽ احتجاج ڪرڻ تي مختيار ڪار وفد سان سان ڳالھيون ڪيون وفد ۾ شامل اڳواڻن مير نور احمد ٽالپر خدا ڏنو شاهه محمد حنيف نظاماڻي قمبر علي شاھ پرويز آرائين محمد جمن شاهه ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڊي سي ضلعي م اٽي جو اگھ 65 روپيا ڪلو جو نوٽيفڪيشن 9 جنوري تي جاري ڪيو ھو پر ٻن ڏينھن م ان تي عمل نه ٿيڻ تي ڊي سي آفيس پھچي احتجاج ڪيو ڊي سي ۽ اسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس م نه ھجڻ تي کين فون ڪيا ۽ کين ٻڌايو ته ھو توھان سان ملڻ ۽ مسئلو حل ٿيڻ تائين ھتي ويٺا رھندا جنھن کان پوء مختيار ڪار بدين آيو جنھن کي چيو ته سرڪار اٽي جو اگھ 65 روپيا مقرر ڪيو آھي ان تي عمل ڪرايو وڌيڪ اگھ وٺندڙ واپارين کي گرفتار ڪري مٿن سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ھنن کيس ٻڌايو ته واپارين آبادگارن کان ڪڻڪ 1800 روپيا مڻ ء ساريون 2350 روپيا مڻ خريد ڪيون ڪيون آھن ھن وقت آھي ڪھڙي قانون تحت اٽو 5500 روپيا مڻ وڪرو ڪري رھيا آھن ھنن مختيار ڪار کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن انتظاميا قدم نه کنيو تہ ھو ضلع بچايو تحريڪ سڄي ضلع م احتجاجي تحريڪ شروع ڪري مظاھرا ڪري ڌرڻا ھڻندي ھن موقعي تي مختيار ڪار بدين کين يقين ڏياريو ته ھو ناجائز منافعو وٺندڙ واپارين جي خلاف سخت ڪاروائي ڪندو










