جروار هيلٿ سينتر بند، سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاج

جروار هيلٿ سينتر بند، سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاج

جروار(محمد بخش گبول)  جروار جا هزارين شھري ۽ ڳوٺاڻا  صحت جي سهولتن کان محروم ، ڊاڪٽر گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا، 15 سالن کان 16 بسترن تي مشتمل  سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ، بلڊنگ زبون حال ٿي وڃڻ ۽ انتظامي بيحسي  خلاف اسپتال بحالي ڪاميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن  غلام بوزدار بسنت رام, اياز گبول ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته رورل هيلٿ سينٽر جروار انتظاميه جي نا اھلي سبب پندرنهن سالن کان بند پيل آھي هڪ ڪروڙ کان مٿي اسپتال جي بجيٽ آھي خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿي رهي آھي ,هتي 16 ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ميل ۽4 فيميل ڊاڪٽرياڻيون مقرر آھن بلڊنگ نه هجڻ ڪري خبر ناهي اهي ڪٿي ڊيوٽي سرانجام ڏين ٿا. پگهارون ته جروار اسپتال جون کڻن ٿا پر ڊيوٽي هتي نه ٿا ڪن ,جروار اسپتال کي مليل  ٻه ايمبولينس آھن جيڪي به پي پي ايڇ آء وارن حوالي ٿيل آھن. هنن مطالبو ڪيو ته جروار اسپتال جي بجيٽ جروار تي خرچ ڪري اسپتال کي جلد کان جلد فعال ڪيو وڃي ,ٻئي صورت ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو