سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جا شاگردن جو احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جا شاگردن جو احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امتحاني فيس معاف نه ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون رستن تي نڪري آيا، مختلف اسڪولن ۾ ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد شاگردن جي احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن جي ڪمائي جو اڪيلو ذريعو زراعت تباهه ٿي وئي، هنن جو چوڻ هو ته سرڪار ايڏي وڏي تباهي باوجود ڳريون امتحاني فيس اوڳاڙي اسان جي تعليم تباهه ڪرڻ چاهي ٿي،شاگردن دانهون ڪندي چيو ته اسان جا ٻوڏ متاثر والدين ايڏيون ڳريون فيس ڪيئن ادا ڪندا؟ برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڀ ڪجهه تباه ٿي ويو شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مطالبو ڪندي چيو ويو ته اسان جي زراعت تباه ٿي وئي، حڪومت وقت تائين ڪا به واهر نه ڪئي،امتحاني فيس معاف ڪري انصاف ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو