ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي نئين تڪبندين جي حوالي سان قانوني مشاورت ڪري رهي آهي.هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته نيون تڪبنديون هن وقت ٽيڪنيڪل آهن ۽ هو ان کي ڏسي رهيا آهن، پيپلز پارٽي ان حوالي سان قانوني ماهرن سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي، جيترو سٺو جواب ايندو ته ايم ڪيو ايم کي آگاهه ڪيو ويندو.صوبائي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجا خدشا سامهون رکيا آهن، انهن جا خدشا دور ڪيا ويندا، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪنداسين.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه شيون حڪومت جي هٿ ۾ آهن، ڪجهه شيون اليڪشن ڪميشن جي هٿ ۾ آهن ۽ ڪجهه شيون عدالت جي هٿ ۾ آهن.










