ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب فزانزڪ ليب رپورٽ عمران خان جي ڪوڙین دعوائن کی وائکو ڪري ڇڏيو، عمران خان جي پنهنجي حڪومت جي اداري عمران خان کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي اطلاعات واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب حڪومت جی فزانزڪ رپورٽ چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان کي 4 گوليون ناهن لڳيون، کيس گولي ۽ ڌاتو جا ٽڪرا لڳا، رپورٽ اهو پڻ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پي ٽي آئي ڪارڪن معظم ڪنٽينر تان ايندڙ گولي لڳڻ سبب فوٿ ٿي ويو، صوبائي وزير چيو ته عمران خان ڌاتو جي ٽڪرن لڳڻ سان 2 مهينن کان زمان پارڪ ۾ بند آهي، هي ڊڄڻو شخص ڪنٽينر تي چڙهي ڪري معصوم پاڪستانين کي ڀڙڪائيندو رهندو آهي، هن چيو ته معمولي خراشن جي خوف کان پنجاب حڪومت جي خزاني جا منهن زمان پارڪ جي سڪيورٽي لاءِ کوليا ويا، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آئي ڪارڪن معظم جي قتل جو پرچو عمران خان ۽ ان جي ساٿين تي ڪٽڻ گهرجي.










