تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول هويندو: مراد شاهه

تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول هويندو: مراد شاهه

سيوهڻ(ن س)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم جو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪندا.سيهون ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هر ڪنهن کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ تڪ بندين بابت ايم ڪيو ايم جو پنهنجو موقف آهي، ان حوالي سان خالد مقبول صديقي ۽ گورنر جو بيان به نه ٻڌو ويو، ايم ڪيو ايم جو موقف آهي. اليڪشن ڪميشن آڏو رکي ڇڏيو آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪنداسين.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ اياز صادق سميت اسان جا سمورا اتحادي شرڪت ڪندا، هو صدر زرداري سان ملڪي صورتحال بابت مشاورت ڪندا.مراد علي شاهه چيو ته معيشت ۾ مسئلا آهن ۽ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان جو امپورٽ بل تمام گهڻو وڌي ويو آهي، اسان سڀني کي پنهنجو پيٽ تنگ ڪرڻو پوندو، مون کي يقين آهي ته وزيراعظم وٽ تجربيڪار ٽيم آهي، اسان آهيون. معيشت جي بهتري لاءِ صوبن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو