لاڙڪاڻو(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي والده جي 15هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ ڪرشماتي اڳواڻ هئي جيڪا پنهنجي وقت کان تمام اڳتي هئي.پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جي ويزن مان هر روز رهنمائي حاصل ڪري رهيا آهيون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙا ڪرشماتي اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، هميشه نفرت نه ڪرڻ ۽ ٻين کي معاف ڪرڻ جو درس ڏنو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهد جي معمار هئي، هوءَ پٺتي پيل طبقن ۽ اقليتن جي حقن جي محافظ ۽ عورتن جي ترقي ۽ آزادي لاءِ عملي جدوجهد جي علمبردار هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهد جي معمار هئي. ڀٽو وفاقيت جي مضبوط علامت هو.پرڏيهي وزير چيو ته اها شهيد جي نظريي جي ڪاميابي آهي ته اڄ جمهوري قوتون هڪ پيج تي آهن، ملڪ جون جمهوري قوتون به مادر وطن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. پنهنجي والده جي 15هين ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر ۽ فلسفي تي سختي سان عمل ڪندي ملڪ مان غربت، بک ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکندي. پاڪستان کي مضبوط جمهوري وفاقي ملڪ بڻائي اسلامي دنيا جو رول ماڊل بڻائينداسين، پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪري سماجي ۽ معاشي انصاف کي يقيني بڻائينداسين.










