ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنرل باجوا ۽ سندس ٽيم سينيٽ ۾ عمران خان جي مدد ڪئي، هن اليڪشن ۾ به پي ٽي آءِ جي مدد ڪئي هئي، اهي ڳالهيون صدر عارف علوي پنهنجي مان ۾ ڏنل ڊنر تقريب کي خطاب دوران ڪيون، صدر عارف علوي چيو ته مون آڊيوز ۽ وڊيوز واري راند بابت نئين آرمي چيف سان ڳالهايو آهي، مون کي حيرت آهي ته اهو سلسلو ڇو جاري آهي، ڪنهن به اخلاقي لحاظ کان اهو سلسلو جاري نه رهڻ گهرجي، صدر عارف علوي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته نئين آرمي چيف سان فوج جي اڻ ڌريو رهڻ بابت ڳالهه ٻولهه به ٿي صدر عارف علوي خطاب دوران دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن جماعت اسلامي ۾ هيس ته پارٽي اميدوارن کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت شراب پيئڻ يا نه پيئڻ واري سوال جو جواب ڏيڻو پوندو هو، هڪ اميدوار جواب ۾ چيو هو ته ٻه هفتا اڳ پيئڻ ڇڏيو آهي مون اهو واقعو ورديءَ وارن دوستن کي ٻڌايو، هنن کي چيو ته توهان جيڪڏهن سياست ڇڏي ڏني آهي ته توهان اها ڪالهه يا پرينءَ ئي ڇڏي آهي منهنجي اها ڳالهه ٻڌي سڀ کلڻ لڳا، مون اهي سڀ ڳالهيون آرمي چيف سان شيئر ڪيون آهن، صدر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن فوج سياست ڇڏي آهي ته سياستدان معاملن جو ڪنٽرول سنڀالين










