واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ سياري دوران برفاني طوفان تباهي مچائي ڇڏي آهي، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ 2 لک کان وڌيڪ شهري اڃا تائين بجلي کان محروم آهن، جڏهن ته 10 هزار کان وڌيڪ اڏامون اڃا تائين منسوخ ۽ هزارين دير جو شڪار آهن.نيو يارڪ جي شهر بفيلو ۾ حالتون خراب آهن، هينئر تائين 8 فوٽ برفباري آهي، جنهن ڪري ڪرسمس تي سفر ڏکيو ٿي پيو آهي.200 نيشنل گارڊز کي امدادي ڪمن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ايمرجنسي سروسز به بدترين متاثر علائقن تائين نه پهچي سگهيون آهن.آمريڪي رياست مونٽانا ۾ گرمي پد مائنس 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي ۽ مشي گن جي ساحل تي برف ئي برف آهي، جيئن پارڪ جا جھول برف جي مجسمن ۾ تبديل ٿي ويا آهن.ٻئي طرف ڪئناڊا ۾ به برفباري سبب صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. اونٽاريو ۽ ڪيوبيڪ ۾ لکين ماڻهو بجلي کان سواءِ آهن، ٽورانٽو ۽ اوٽاوا جي وچ ۾ مسافر ٽرينون بند آهن، وڏن شهرن ۾ اڏامون معطل آهن، ۽ روڊ جون حالتون انتهائي خراب آهن.هوڏانهن ويسٽرن ڪئناڊا جي هاءِ وي تي مسافر بس جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 50 زخمي ٿي پيا.










