ڪراچي ۾ باباءِ قوم جي مزار تي مقرر گارڊز جي تبديلي جي تقريب

ڪراچي ۾ باباءِ قوم جي مزار تي مقرر گارڊز جي تبديلي جي تقريب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 146 هون جنم ڏهاڙو اڄ وڏي عقيدت، احترام ۽ قومي جوش و جذبي سان ملهايو پيو وڃي.ڪراچي ۾ باباءِ قوم جي مزار تي مقرر گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ڪيڊٽس مزار قائد جي سڪيورٽي جي ذميواري سنڀالي، تقريب جو مهمان خاص ميجر جنرل عمر نسيم هو، جنهن گارڊز جو معائنو ڪيو، اعزازي گارڊن چيف مهمان کي سلامي پيش ڪئي. ميجر جنرل عمر نسيم ۽ مهمانن جا ڪتاب تي تبصرا پڻ رڪارڊ ڪيا ويا. تقريب ۾ پاڪ فضائيه جي ڪيڊٽس گارڊز جا فرض پاڪ فوج جي ڪيڊٽس حوالي ڪيا ويا. گورنر سنڌ، وڏو وزير ۽ ڪمشنر ڪراچي مزار قائد تي حاضري ڀريندا جڏهن ته ٽنهي فوجن جا نمائندا، ڊي جي رينجرز به مزار قائد تي حاضري ڀريندا.ياد رهي ته قائد اعظم جي حڪم تي سال ۾ 3 ڀيرا گارڊز جي تبديلي جي تقريب 14 آگسٽ، 6 سيپٽمبر ۽ 25 ڊسمبر تي ٿيندي آهي.تقريب ۾ نيوي، ايئر فورس ۽ پي ايم اي ڪاکول جي ڪيڊٽس بالترتيب چارج سنڀالي.

پهنجو تبصرو موڪليو