ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته جڏهن فيٽف جو بل قومي اسمبلي ۾ پيش ٿيو ته ان محل بلاول زرداري ۽ ان پوري پارٽي فرار ٿي ويئي هئي هاڻي بلاول ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ اڳتي اچي رهيو آهي. پاڪستان جو فيٽف جي گري لسٽ ۾ رهڻ جو وڏو ڪارڻ مني لانڊرنگ هو هن وقت امپورٽڊ حڪومت وڏي تعداد ۾ وڏا وڏا مني لانڊرگ موجود آهن بلاول زرداري پنهنجي پبلسٽي لاءِ سي وي کڻي دنيا گهمي رهيو آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ سيلاب متاثرين اڃا تائين بي يارو مددگار ويٺل آهن سنڌ جي وسيلن کي زرداري ٻنهي هٿن سان لوٽي عوام کان بنيادي سهولتون به کسي ورتيون آهن. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ شهرين کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلر سري عام شهرين کي نشانو بنائي رهيا آَهن حليم عادل شيخ چيو ته 14 سالن کان سنڌ کي لٽيندڙ جو هاڻي آخري وقت آهي پوري پاڪستان جيان پيپلزپارٽي جو سنڌ مان به خاتمو ٿيڻ وارو آهي.










