ن ليگ پاران اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب خلاف رٿ واپس نه وٺڻ جو فيصلو

ن ليگ پاران اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب خلاف رٿ واپس نه وٺڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ واپس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جي اعلان کانپوءِ مسلم ليگ ن پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي. ٻئي طرف پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو هو پر سندس طرفان اعتماد جو ووٽ نه ورتو ويو، جنهن تي گذريل رات گورنر پنجاب چوڌري پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. صوبائي وزير جڏهن ته سيڪريٽري پنجاب به ڪابينا ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي واري رٿ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اسپيڪر ستين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واصف عباسي خلاف بي اعتمادي واري رٿ واپس نه ورتي ويندي.مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي ميمبر خليل طاهر سنڌو جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي بي اعتمادي جو ووٽ نه ملڻ سبب پنهنجو عهدو وڃائي چڪو آهي، رڳو پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ واپس ورتي وئي آهي، بي اعتمادي جي رٿ واپس ورتي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف اليڪشن کٽي ورتي آهي، اعتماد به هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو