ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياقت آباد ۾ ڪسٽم انٽيليجنس ڪارروائي ڪري ڪروڙين رپين جو اسمگل ٿيل ڪپڙو هٿ ڪري ورتو.ڪسٽم اختيارين موجب غيرقانوني اسمگل ٿيل ڪپڙي جي موجودگي جي اطلاع تي لياقت آباد ۾ واقع گودام تي ڇاپو هنيو ويو، جتان ڪروڙين رپين جو سمگل ٿيل ڪپڙو هٿ ڪيو ويو.ڪسٽم اختيارين موجب گودام مان ڪپڙو هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.










