طالبان نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان نٿا روڪي سگھن: ملالا

طالبان نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان نٿا روڪي سگھن: ملالا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسف زئي جو چوڻ آهي ته طالبان يونيورسٽين جا دروازا بند ڪري نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان نٿا روڪي سگھن.طالبانن پاران نياڻين جي اعليٰ تعليم تي پابندي خلاف ملالا يوسف زئي هڪ ٽوئٽ ذريعي رد عمل ڏنو.ملالا يوسف زئي موجب طالبان افغانستان ۾ ڀلي تمام تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏين پوءِ به نياڻين جي ذهنن کي بند نٿا ڪري سگھن، سکڻ جي جستجو کي پابند نٿا ڪري سگھن.طالبانن پاران نياڻين جي اعليٰ تعليم تي پابندي خلاف افغانستان ۾ احتجاج پڻ ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو