لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ انگ مڪمل نه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري موجب پي ٽي آءِ جا 4 5 ايم پي ايز عمري تي ويا آهن، هڪ ايم پي اي پنهنجي پٽ جي ڪيموٿراپي لاءِ ويو آهي، اجلاس لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ته جيئن ايم پي ايز واپس اچن.فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، جمعي تي عمل شروع ٿيندو ۽ هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.هنن چيو ته پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير رهندو، گورنر راڄ نه لڳايو ويندو، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون اسيمبليون گڏ ٽوڙي وينديون.










