لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙي عوام ڏانهن وڃي رهيا آهيون، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن کي فرار ٿيڻ بدران ميدان ۾ لهڻ گهرجي،لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جمعي ڏينهن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙيون ڏينديون،فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ساٿ ڏيڻ تي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جا ٿورائتا آهيون، مسلم ليگ نون اليڪشن ڪميشن کي ڀائيوار طور استعمال نه ڪري پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ عوام کي يرغمال بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، طاقتور ماڻهو بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا نه ٿا ڪري سگهن










