ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي ساليانيون چونڊون سال 2023 31 ڊسمبر تي ٿينديون اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر توصيف احمد خان ڪراچي پريس ڪلب جون ساليانيون چونڊون سال 2023 لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ڪاميٽي پاران جاري ڪيل شيڊول مطابق ڪراچي پريس ڪلب جي اليڪشن ۾ صدر، نائب صدر، خزانچي، سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ گورننگ باڊي جي 7 سيٽن لاءِ نامينيشن فارم 19 ڊسمبر سومر جي شام 4 کان 7 وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ جمع ڪرايا ويندا 30 ڊسمبر اڱاري جي شام 4 کان 5 وڳي اميدوارن جي نامينيشن ڪاغذن جو جائزو ورتو ويندو، ڪاغذن جي جاچ پڙتال 31 ڊسمبر اربع ڏينهن شام 5 وڳي تائين ٿيندي اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 22 ڊسمبر خميس ڏينهن شام 5 وڳي تائين جاري ڪئي ويندي نامينيشن ڪاغذن تي اعتراضن جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر جمعي ڏينهن شام 4 کان 5 وڳي تائين ٿيندي اميدوارن جي فائنل لسٽ 24 ڊسمبر ڇنڇر ڏينهن تي شام 5 وڳي جاري ڪئي ويندي اميدوار چونڊن تان هٿ کڻڻ لاءِ نامينيسن فارم 27 ڊسمبر اڱاري ڏينهن شام 4 کان 7 وڳي دوران واپس وٺي سگهندا ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي فائنل لسٽ 27 ڊسمبر اڱاري ڏينهن تي ئي شام 7 وڳي جاري ڪئي ويندي چونڊن لاءِ پولنگ 31 ڊسمبر 2022 ڇنڇر ڏينهن صبح 9 کان شام پنج وڳي بنا ڪنهن وقفي جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندي ڪراچي پريس ڪلب جي اليڪشن ڪاميٽي ڊاڪٽر توصيف احمد خان جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي.










