سنڌ هائوس جي فنڊن ۾ گهوٻيون، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ پيش

سنڌ هائوس جي فنڊن ۾ گهوٻيون، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ پيش

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ سرڪاري فنڊن جي استعمال ۾ گهوٻين جي نشاندهي جي آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي آڊٽ رپورٽ موجب سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ايئر فريشنر ۽ فيوميگيشن تي لکين رپين جا خرچ ڪيا ويا وال فريم 9 لک رپين جو خريد ڪيو ويو مرمت تي سنڌ هائوس جي گاڏين جي فيول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪي اويا فيول وٺندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون سنڌ هائوس جي استعمال هيٺ نه آهن سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ويهاڻن ۽ ڪمبل جي خريداري تي لکين رپين جا خرچ ڪيا ويا ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن کي سنڌ هائوس ۾ ڀرتي ڪيو ويو آڊٽ رپورٽ مطابق گورنر وڏو وزير ۽ ٻين جي ڪمرن ۾ جيت مار اسپري تي 7 لک رپين جو خرچ ٿيو سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ هڪ پردي جي کي ڌوئڻ جي رقم 7500 رپيا، 6 لک رپيا سمورن پردن جي ڌوئي صاف ڪرڻ تي خرچ ٿيا صفائي لاءِ 5 لک رپين جو ڊٽرجنٽ پائوڊر الڳ خريد ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو