ابرار ۽ زاهد جي زبردست بالنگ، انگلينڊ 281 تي ڍير

ابرار ۽ زاهد جي زبردست بالنگ، انگلينڊ 281 تي ڍير

ملتان(ويب ڊيسڪ)انگلينڊ ٻئي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 281 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي. ٻئي اوپنر آئوٽ ٿي ويا آهن. امام الحق زيرو تي جيمس اينڊرسن جي بال تي اولي پوپ هٿان ڪيچ ٿيو، 5 جي مجموعي اسڪور تي ٽئين اوور ۾ پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد عبدالله شفيق جيڪ ليچ جي بال تي اولي پوپ هٿان 14 رنسون ٺاهي 14هين اوور ۾ 51 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو، هن 44 بال کيڏيا ۽ 3 چوڪا هنيا. جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ سعود شڪيل آيو ۽ ٻنهي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تائين 56 رنز جي پارٽنرشپ ۾ ٽيم جو اسڪور 107 تائين پڄايو. بابر 61 ۽ سعود 32 ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود آهن. ان کان اڳ پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ ابرار احمد جي تباهه ڪن بالنگ سبب انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 281 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ملتان ۾ کيڏي ويندڙ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. بابراعظم چيو هو ته جيڪڏهن هو ٽاس کٽين ها ته هو به بيٽنگ ڪن ها. ابرار احمد پنهنجي زندگي جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 7 رانديگر آئوٽ ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو. جڏهن انگلينڊ اننگز جي شروعات ڪئي ته اوپنرز کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فاسٽ بالرن کي کيڏڻ ۾ ڪا به تڪليف نه آئي ۽ هنن پهرين وڪيٽ لاءِ 38 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. ان موقعي تي ڪپتان بابر اعظم پهرين ميچ کيڏندڙ اسپنر ابرار احمد کي بالنگ لاءِ آندو، جيڪو ڪپتان جي اعتماد تي پورو لٿو ۽ پهرين ئي اوور ۾ زيڪ ڪرالي کي آئوٽ ڪيو. ان موقعي تي اولي پوپ بين ڊڪٽ جو ساٿ ڏيڻ آيو ۽ ٻنهي جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ صرف 61 بالن تي 79 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. بين ڊڪٽ به اسپنر ابرار جي اوور ۾ آئوٽ ٿيڻ کان بچي ويو پر ساڳئي اوور ۾ ٻيهر ايل بي ڊبليو ٿيو. امپائر عليم ڊار اپيل تي آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿي ويو.


هن 63 رنسون ٺاهيون. جو روٽ جو وڪيٽ تي بيهڻ مختصر رهيو ۽ هو به نوجوان اسپنر جي خوبصورت ليگ اسپن تي آئوٽ ٿي ويو. اولي پوپ به اڌ سينچري اسڪور ڪئي پر هن وٽ به ابرار جي گھمندڙ بالن جو ڪو جواب نه هو ۽ هو ريورس سوئپ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ ٿي ويو. لنچ بريڪ کان اڳ انگلينڊ کي پنجون نقصان ٿيو جڏهن هيري بروڪ ابرار جي بال تي اونچي شاٽ کيڏيو ۽ محمد نواز سندس ڪيچ وٺڻ ۾ ڪا غلطي نه ڪئي. وقفي کانپوءِ ابرار جي سٺي بالنگ جاري رهي ۽ هن پهريان ڪپتان بين اسٽوڪس کي آئوٽ ڪيو جنهن 228 جي مجموعي اسڪور تي 30 رنسون ٺاهيون ۽ پوءِ ول جيڪس سندس ايندڙ اوور ۾ 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. انگلينڊ جا آخري ٽي رانديگر زاهد محمود جو شڪار ٿي ويا.


اهڙي طرح دوري تي آيل مهمان ٽيم 281 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ابرار احمد 114 رنسون ڏئي 7 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته زاهد محمود 63 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو