مسنگ پرسنز ڪميشن اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

مسنگ پرسنز ڪميشن اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي پيش رفت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهن جون 9133 شڪايتون مليون، جن مان 5574 ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي.مسنگ پرسنز ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسنگ پرسنز ڪميشن جي ڪوششن سان 3743 ماڻهو پنهنجن گهرن تائين پهچي ويا آهن، نومبر ۾ 81 ماڻهو پنهنجن گهرن تائين پهچي ويا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گم ڪيل 974 ماڻهو حراستي مرڪزن ۽ 616 جيلن ۾ آهن، گم ٿيل ماڻهن جا ڪل 241 لاش مليا آهن جڏهن ته 6926 ڪيس حل ڪيا ويا آهن.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته 30 نومبر تائين گم ٿيل ماڻهن جا 2 هزار 207 ڪيس التوا ۾ هئا، ڪميشن کي 98 نوان ڪيس مليا ۽ نومبر ۾ 101 کي ختم ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو