ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته هڪ پارٽي جي ايڊمنسٽريٽر کي هٽائي ٻي پارٽي کي لڳايو پيو وڃي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته پوليٽيڪل ايڊمنسٽريٽر کي برطرف ڪيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته هو بلدياتي اليڪشن روڪڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.هن وڌيڪ چيو ته متحده قومي موومينٽ ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿي جنهن مان پ پ لٽي رهي آهي.امير جماعت اسلامي ڪراچي جو اهو به چوڻ آهي ته 2009ع کان 2015ع تائين مڪاني چونڊون نه ٿيون، ايم ڪيو ايم ان وقت پيپلز پارٽي جي اتحادي هئي.










